اليڪشن ڪميشن عمران خان کي مخالفن بابت گٿا لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي سياسي مخالفن بابت گٿا لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته نوٽيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بئنچ عمران خان جي توهين جوڳا لفظ استعمال ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان مصروفيت سبب ڪميشن سامهون پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس نمائندگي بابر اعواڻ ڪئي. سنڌ جي ميمبر عبدالغفار سومري چيو ته عمران خان جلسي ۾ تمام گهڻا گٿا لفظ استعمال ڪيا، توهان ته ٻڌو هوندو، توهان سان گڏ ئي هوندو آهي، بابر اعواڻ چيو ته جي ها مان ٻڌو آهي، وڌيڪ ڇا ٿيو آهي، توهان جي اجازت هجي ته ٻڌايان. بابر اعواڻ اياز صادق جي وڊيو ڪلپ اليڪشن ڪميشن جي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏي. عمران خان جي وڪيل چيو ته هتي اهڙا لفظ به استعمال ٿي رهيا آهن، نڪاح، شادي، گهر وارن بابت اهڙا لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن. بابر اعواڻ چيو ته  طالبان خان ۽ ان کان به وڌيڪ خراب لفظ استعمال ٿي رهيا آهن،  پي ٽي آءِ اهو نه ٿي چوي ته نوٽيس نه ڏيو. پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم چيو ته توهان پنهنجي نوٽيس جو جواب ڏيو، ٻين کي به نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن وڏا ليڊر اهڙي ٻولي استعمال ڪندا ته دنيا ۾ سٺو تاثر نه ويندو آهي. بابر اعواڻ چيو ته گڏهه معمولي لفظ آهي، هتي استاد به گڏهه چوندو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو ته استاد جي ڳالهه ٻي آهي،  عمران خان جي وڪيل چيو ته هڪ صوبي وارو ٻئي صوبي واري کي چئي ٿو ته ووٽ ڏيندڙ بي غيرت آهي. سنڌ جي ميمبر عبدالغفار سومري چيو ته احتياط ڪيو، اڳتي ايئن نه ٿي، توهان خاطري ڪرايو ته اڳتي ايئن نه ٿيندو، چونڊ مهم هلي رهي آهي، اسان ايئن نه ٿا چاهيون ته اڳتي ايئن ٿي. ڪي پي جي ميمبر ارشا قيصر چيو ته اهڙي ٻولي ۽ لفظ استعمال نه ڪيو جو نفرت ۽ ڪاوڙ پکڙجي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي اڳتي اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. وڪيل بابر اعواڻ عمران خان طرفان لکت ۾ خاطري ڪرائي آهي. اليڪشن ڪميشن نوٽيس جي ٻڌڻي چونڊن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *