اسلام آباد (بيورو): اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عمران خان وڪيل تبديل ڪري ورتو، نئين وڪيل عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، اليڪشن ڪميشن جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 29 مئي تائين آخري مهلت ڏئي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جهلم ۽ ساهيوال جي ضمني اليڪشن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي عمران خان ۽ حمزه شهباز کي نوٽيس جاري ڪيو هيو، جڏهن ته حمزه شهباز اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي هئي، عمران خان جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضابطه اخلاق جي معاملي تي منع نامو جاري ڪري رکيو آهي، ٻڌڻي بعد اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو ته حڪومت جي حڪمت عملي آهي ته پي ٽي آءِ کي وڌ کان وڌ ڪيسز ۾ منجهايو وڃي، حڪومت پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي، حڪومت جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، هن دانيال عزيز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، ٻئي طرف مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ ڪڏهن پيش ناهي ٿيو اهو مون تي الزام لڳائي رهيو آهي، جيڪڏهن مان هڪ لفظ به ڪوڙ ڳالهايان ته الله مون کان ناراض ٿئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف پريهين کان پئسا وٺي استعمال ڪيا، پرڏيهي فنڊنگ استعمال ڪرڻ واريون جماعتون تحليل ڪيون وينديون آهن، هنن کان گذريل اڍائي سالن جو حساب گهريو پيو وڃي، هن چيو ته عمران خان دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٽن سالن کان اشتهاري آهي.