اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي فوري تبديل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن چئني صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي خط لکي حڪومت کي سڀاڻي تائين جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2018ع جي سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس 14 جون تي طلب ڪيو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس خميس تي ڏينهن جو 10 وڳي ٿيندو. بچاءَ، گهرو ۽ اترين علائقن جا سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ڊي جي ايم او، سمورا چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز ۽ چيف ڪمشنر کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *