اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پاڪ فوج کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي سمري ۾ چيو ويو آهي ته ساڍن ٽن لک فوجي اهلڪارن جي ضرورت آهي ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل بچاءَ واري وزارت کي موڪليا وياآهن. بچاءَ واري وزارت اڍائي لک فوجي ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ آخري منظوري کانپوءِ فوجي جوانن جي مقرري جو فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪ فوج ڪنٽرول سنڀاليندي ۽ پرنٽنگ پريس جي نگراني به پاڪ فوج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.