اليڪشن ڪميشن شفاف، غير جانبدار چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهي؛نگران وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن شفاف غيرجابندار چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهي نگران وزيراعظم ناصرالملڪ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس پهتو جتي ان جي پهچڻ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا نگران وزيراعظم جي اچڻ کان ڪجهه گهڙي اڳ ئي ميڊيا نمائندن ۽ سائلن کي آفيس کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ جي اليڪشن ڪميشن اچڻ تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب سندس استقبال ڪيو اليڪشن ڪميشن ۾ نگران وزيراعظم جي سربراهي ۾ بند ڪمرو اجلاس ٿيو جنهن ۾ کيس چونڊن جون تياريون سيڪيورٽي معاملن ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويئي نگران وزيراظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عام چونڊن لاءِ ڪيترائي چئلينجز آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن شفاف غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار اهي جڏهن ته قيام امن يقيني بنائڻ لاءِ چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون پيون وڃن ان موقعي تي نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته بروقت شفاف چونڊن جو اهتمام يقيني بڻائڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *