اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب وڏي ايوان (سينيٽ) جون چونڊون سڀاڻي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ ضابطا اخلاقي جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪيمشن جي جاري ڪيل ضابطا اخلاق موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي سيڪريٽري جو ڪارڊ ساڻ کڻي اچڻو پوندو. موبائيل فون پولنگ اسٽيشن آڻڻ تي مڪمل پابندي هوندي. ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپر ۽ ووٽ جي رازداري کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيلٽ پيپر خراب ڪرڻ ۽ ڪوڙي بيلٽ پيپر جي استعمال تي ڪارروائي ٿيندي. بيلٽ پيپر پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي. اليڪشن ڪيمشن جو چوڻ آهي ته اڻ لاڳاپيل شخص کي بيلٽ پيپر ڏيڻ تي آر او فوري سزا ٻڌائي سگهي ٿي. ريٽرننگ آفيسر کي مجسٽريٽ پهرين درجي جي تحت اختيار حاصل هوندا جڏهن ته کين بيلٽ پيپر رد ڪرڻ جو اختيار به حاصل هوندو. ان کان سواءِ رينٽرننگ آفيسر کي سمري ٽرائل ڪري سزا ٻڌائڻ جو حق به حاصل هوندو. ضابطا اخلاق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪنهن قسم جي بي قاعدگي ۽ بدنظمي تي آر او چونڊ عمل معطل ڪري سگهي ٿو. پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران رينجرز ۽ ايف سي مقرر هوندي. اليڪشن ڪميشن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته رينجرز ۽ ايف سي جي مقرري جو فيصلو ريٽرننگ آفيسرن جي تجويز تي ڪيو ويو. ووٽر هڪ ئي رستي تان پولنگ اسٽيشن ويندا.