اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ ڪي پي جي نگران وڏن وزيرن کان ساليانا گوشوارا طلب ڪري ورتا

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي نگران وزير اعليٰ ۽ صوبائي وزيرن کان ساليانا گوشوارا گهري ورتا آهن. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي نگران وڏن وزيرن ۽ صوبائي وزيرن کان پنهنجي شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن جي تفصيل طلب ڪري ورتي آهي، ان کان سواءِ نگران وڏن وزيرن ۽ وزيرن کي ملڪيت ۽ رهتن جي تفصيل به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته نگران وڏا وزير ۽ وزير حلف کڻڻ جي ٽن ڏينهن اندر گوشوارا جمع ڪرائڻ جا پابند آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *