اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي موقعي تي فوج جي مقرري لاءِ دفاع واري وزارت کي سمري موڪلي ڇڏي آهي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ ساڍا 3 لک فوجي اهلڪارن جون خدمتون گهريون آهن اليڪشن ڪميشن مطابق عام چونڊن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪئي ويندي خيال رهي ته 14 جون تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ چئني صوبائي چيف سيڪريٽري سميت 4 ئي آءِ جيز به شريڪ ٿيا اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو هو ته سمورين پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج جا اهلڪار مقرر هوندا ۽ 20 هزار نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئمرا لڳايا ويندا جيڪا صوبائي حڪومت لڳائيندي جڏهن ته حساس ۽ نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اضافي سيڪيورٽي قدم کنيا ويندا ترجمان ٻڌايو هو ته بيلٽ پيپر جي ڇپائي ۽ روانگي فوج جي نگراني ۾ ٿيندي ۽ پاڪ فوج سمورين پرنٽنگ پريسن کي 27 جون کان 25 جولاءِ تائين فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندي.