اسلام آباد (اين اين آءِ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست بحال ڪندي جواب طلب ڪري ورتو چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ عمران خان جي نااهلي بابت هاشم علي ڀٽو جي درخواست بحال ڪرڻ بابت اپيل جي ٻڌڻي ڪئي هاشم علي ڀٽو جو موقف هو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن اڳيان ڪوڙ ڳالهايو جنهن کان پوءِ هو آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي ان لاءِ کيس نااهل قرار ڏنو وڃي اليڪشن ڪميشن هاشم علي ڀٽو جي درخواست بحال ڪندي عمران خان کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 23 مئي تي ٿيندي.