راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج اليڪشن ڪميشن جي ضابطن اندر رهندي عام چونڊن ۾ مدد ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر راولپنڊي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي کيس آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد بابت پلان تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته عوام کي جمهوري حق جي آزاداڻي استعمال لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻائڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ فوج 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطن اندر رهندي مدد ڪندي.