اليڪشن ڪميشن جو به ڊيمز فنڊ ۾ حصو وجهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن جي سمورن آفيسر 2 ۽ ٻين اهلڪارن هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي سمورن آفيسرن 2 ڏينهن ۽ ٻين اهلڪارن هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيمز فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اي جي پي آر ۽ لاڳاپيل اختيارين ڏانهن به خط موڪليا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار سان ملاقاتڪري کيس ڊيمز فنڊ جي لاءِ هڪ ارب 59 لک کان وڌيڪ جي رقم جو چيڪ پيش ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *