اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ آخري وقت ۾ ڪنهن به طرح جي ڏکيائي کان بچڻ لاءِ مشق جي تياري ڪري ورتي

January 30, 2017 at 12:02 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊون 2018 ۾ آخري وقت ۾ ڪنهن به طرح جي ڏکيائي کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ۾ ڀرپور مشقون شروع ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي، ويب سائيٽ تي جاري ڪيل روڊ ٽو اليڪشن 2018 جي نالي سان دستاويزن موجب سمورا صوبائي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ وفاقي ادارن جي سربراهن کي 2016 ۾ انهن جي ماڻهن جون لسٽون فراهم ڪرڻ جو چيو ويو هو جيڪي جنوري 2018 ۾ دستياب ٿيندا حڪم ۾ چيو ويو هو ته جن گهربل ماڻهن کي تربيت ڏني ويندي ان جي عمر 55 سالن کان گهٽ هجي. ڪمپيوٽر جي تعليم هجي سمارٽ فون جو استعمال ڄاڻڻ سان گڏوگڏ سٺي شهريت به رکندڙ هجي. دستاويزن موجب 31 ڊسمبر 2016 تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران 50 هزار آفيسرن جا نالا مليا، دستاويزن موجب اليڪشن ڪميشن آفيسرن جي گهربل 70 هزار اهلڪار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جڏهن ته انهن جي تربيت جي شروعات هلندڙ سال جون کان ٿيندي، ان حوالي سان تربيتي مواد ۽ لاجسٽڪ انتظامن جي لاءِ اسٽيڪ هولڊرن سان مشورو جاري آهي. فيڊرل اليڪشن اڪيڊمي ڪرائي تي حاصل ڪيل پوسٽل اسٽاف ڪاليج اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ريگيولر عملي ۽ آفيسرن جي تربيت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران گريڊ 8 کان گريڊ 21 جي سمورن 1649 آفيسرن ۽ ملازمن کي 2018 جي عام چونڊن کان اڳ تربيت ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي ان حوالي سان هڪ ٽريننگ ونگ به قائم ڪئي وئي آهي. جيڪا فعال طور تي اندروني ۽ پرڏيهه جي تربيتي ادارن ۽ جاچ سان جڙيل ادارن سان رابطي ۾ آهن جنهن مان اميد آهي ته عملي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اليڪشن ڪميشن اليڪٽورل سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ خاص مانيٽرنگ ونگ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا پولنگ کان پهريان پولنگ واري ڏينهن  ۽ پولنگ کانپوءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ان حوالي سان مانيٽرنگ ونگ سميت فنانشل ۽ لاجسٽڪ جي لاءِ 141 نون عهدن جي جڳهه ٺاهڻ ۽ ان تي مقررين لاءِ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن دوران ملٽي اليڪٽرول ٽيڪنالوجيز استعمال ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. دستاويزن موجب 400 اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينن ۽ 300 بايو ميٽرڪ ويريفڪيشن مشينن جي خريداري آخري مرحلي ۾ آهي انهن مشينن کي 2018 کانپوءِ ضمني چونڊن ۾ پائليٽ ٽيسٽ ذريعي استعمال ڪيو ويندو دستاويز ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪابينيٽ ڊويزن 20 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي لاءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي طريقيڪار کي وڌائڻ ۽ نئين مشينري خريد ڪرڻ لاءِ 86 ڪروڙ 40 لک رپيا فنڊن جي سمري منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

اي پيپر