اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ نيون تڪ بنديون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ نيون تڪ بنديون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيون تڪ بندين بابت شماريات کاتي سان رابطو ڪيو ويو آهي، نئين آدم شماريءَ کان پوءِ نيون تڪ بنديون ڪرڻ لازمي آهن، اليڪشن ڪميشن عملدارن موجب شماريات کاتو نئين مردم شماريءَ جي ڊيٽا جون مهيني ۾ فراهم ڪندي، نئين تڪ بندين جو عمل جولاءِ ۾ شروع ڪيو ويندو، جنوري 2018ع تائين سڄي ملڪ ۾ نيون تڪ بنديون مڪمل ڪري وٺنداسين، نين تڪ بندين جو مطلب اهو بلڪل به نه هوندو ته چونڊ تڪن ۾ واڌ ڪئي ويندي،  چونڊ تڪ وڌائڻ جي فيصلي جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، اليڪشن ڪميشن موجب پارليامينٽ تڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته نوان تڪ به جوڙيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *