اليڪشن ڊيوٽي دوران پاڪ فوج جا وڌيڪ 5 جوان شهيد :ڊي جي آءِ ايس پي آر

روالپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بٽگرام ۾ الڪيشن ڊيوٽي دوران حادثي ۾ پاڪ فوج جا وڌيڪ 5 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي موجب اين اي 12 بٽگرام ۾ چونڊ مواد جي فراهمي بعد واپس ايندڙ گاڏي 250 فٽ اونهي کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڌرتي جا وڌيڪ 5 پٽ وطن تان قربان ٿي ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قوم جا 5 پٽ فرض نڀائيندي جانيون قربان ڪيون ۽ فرض جي راهه ۾ ڏنل قرباني کان وڏي ٻي ڪا به قرباني ناهي. اليڪشن ڊيوٽي دوران دهشتگردن جي حملي ۾ ۽ گاڏي جي حادثي ۾ شهيد جوانن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ واري کاتي موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽه اهلڪار شهيد ٿيا جن جي سڃاڻپ سپاهي عمران، سپاهي جهانزيب ۽ سپاهي اڪمل جي نالن سان ٿي جڏهن ته حملي ۾ پولنگ ٽيم جو اسڪول ٽيچر سيف الله پڻ شهيد ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *