اليڪشن وقت تي ٿيندي پر اليڪشن اهو وڙهندو جيڪو احتساب جي عمل کان بچندو؛منظور وساڻ

خيرپور( شاهد نواز سيال) خيرپور ڳوٺ فتح پور ۾ اڪبر لاشاري ء محمد علي لاشاري پاران منعقد ڪرايل پيپلز پارثي جي وڏي جلسي عام کي صوبائي وزير صنعت منظور وساڻ خطاب ڪندي چيو آهي ته اليڪشن وقت تي ٿيندي پر اليڪشن اهو وڙهندو جيڪو احتساب جي عمل کان بچندو هن چيو ته فيبروري جو مهينو خطرناڪ ثابت ٿيندو ان مهيني ۾ ملڪ تبديل  ٿيندو  قائداعظم جو پاڪستان بڻجندو منظور وساڻ چيو ته مارچ جي مهيني ۾ وڏا فيصلا ٿيندا، جنهن ۾ پيپلز پارثي سرخرو ٿيندي، هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز ليگ سان ڪبٽي کيڏي ڪري انهن کي زمين تي نه ليٽايو ته منهجو نالو منظور وساڻ ناهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسان پشتو ڳالهائي ڪر ووٽ وٺنداسين، منظور وساڻ چيو ته فنڪشنل مسلم لگ ايوب جي دور کان وٺي اقتدار ۾ رهي آهي هو ڏسن ته هنن سنڌ لاء ڇا ڪيو آهي، منظور وساڻ چيو ته هاڻي جيل کان نفرت ٿي چڪي آهي هاڻي اسان کي اقتدار گهرجي ته جئين عوام جي خدمت ڪري سگهون منظور وساڻ چيو ته جي ڊي اي وارا هاڻي ٽائون چيئرمين شپ جي ڊمانڊ ڪري پيپلز پارثي ۾ شموليت ڪرڻ لاء چئي رهيا آهن جلسي عام کي پيپلز پارثي جي ايم اين اي نواب خان وساڻ، صوبائي اڳواڻ هالار خان وساڻ ء منور وساڻ به خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *