اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ نواز شريف جي ضمانت واري درخواست 19 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. العزيزيا ريفرنس ۾ سزا ماڻيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت واري درخواست 19 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪندو. بئنچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل آهن.