اقليتي معاملن واري کاتي جي تحت جلد ٻن ڊويزنن جي سطح تي دستڪاري سينٽرز قائم ڪيا ويندا: ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ

ڪراچي(هه آ) اقليتي معاملن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ اقليتي اڪثريتي آبادي وارن علائقن ۾ دستڪاري سينٽرز قائم ڪيا ويندا ته جيئن اتان جا ماڻهو هنرمند ٿي عزت وارو روزگار حاصل ڪري سگهن. ان ڳالهه جو اصولي فيصلو هن کاتي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن اقليتي معاملن واري کاتي جي ڊائريڪٽر شاهد عبدالسلام کي هدايتون جاري ڪيون ته ان سلسلي ۾ شروعاتي انتظامي ڪم شروع ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه اتي پرائمري اسڪولز به قائم ڪيا ويندا ته جيئن هنر سان گڏ بنيادي تعليم کي به فروغ ڏئي سگهجي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ان سلسلي ۾ ڊويزن سطح تي جامع رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن مناسب هنڌ جو تعين ڪري ان منصوبي جي شروعات ڪري سگهجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ميرپورخاص ڊويزن ۾ اهو منصوبه شروع ڪيو وڃي جتي اقليتي برادري جي هڪ ڪثير تعداد رهي ٿي. ان موقعي تي موجود ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هدايتون ڏنيون ته هو ان منصوبي لاءِ ابتدائي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *