اسلام آباد ( بيورو ) اقتصادي رابطا ڪميٽي پري پيڊ ميٽر لڳائڻ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پري پيڊ ميٽر لڳائڻ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اي سي سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجلي جا سمورا غير قانوني ڪنيڪشن 3 مهينن اندر ختم ۽ باقيدارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي. اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڀاڻ جا ڪارخانا فوري طور هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گردشي قرضن جو معاملو وزيراعظم سامهون رکيو وڃي ۽ توانائي جي شعبي جي آپريشنل آڊٽ ڪرائي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته غير قانوني گردشي قرضن جي رڪوري ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو پئسا وٺي هليا ويا اهي نه بچندا.