اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ۾ توانائي بحران هو، هاڻي پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي: وزيراعظم

February 10, 2017 at 12:48 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم چيو آهي ته اقتدار سنڀاليو ته ملڪ کي توانائي جو بحران درپيش هو هاڻي پاڪستاني معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ خصوصي صنعتي زون قائم ڪري رهيا آهيون ڪمپنين جا چيف ايگزيڪيوٽو جو پاڪستان جو دورو سيڙپڪاري ۽ تجارت جا نوان موقعا فراهم ڪندو هلندڙ سال ترقي جي شرح 5.5 تائين پهچي ويئي ۽ 2025 تئين پاڪستان دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿي ويندو سي پيڪ منصوبي جي طور تي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي جنهن مان 35 بلين کان وڌيڪ سيڙپڪاري توانائي بابت شعبن ۾ ڪئي ويندي منصوبي جي تحت روڊن جو ڄار وڇايو ويندو خميس تي بين الاقوامي ادارن جي چيف ايگزيڪيوٽو سان خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته حڪومت 2013 ۾ سيڙپڪاري پاليسي جي تحت آزاد ۽ روشن خيال ۽ دوستاڻي پاليسي جو اعلان ڪيو جنهن جي تحت پرڏيهي سيڙپڪاري کي ٽيسڪ ۾ گهٽتائي سميت مختلف سهولتون ۽ مراعتون فراهم ڪيون ويون هن چيو ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو وڏو ڇهون ملڪ آهي هن چيو ته جڏهن هن 2013 ۾ حڪومت سنڀالي ته معاشي حالت خراب هئي پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي حيثيت سبب خطي ۾ ڪاروبار جي حوالي سان منفرد اهميت رکي ٿو پاڪستان جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا سميت چين جي 3 ارب ماڻهن تائين پهچائي سگهي ٿي چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي حوالي سان هن چيو ته منصوبي جي تحت ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي جنهن ۾ 35 بلين کان وڌيڪ سيڙپڪاري توانائي بابت شعبن ۾ ڪئي ويندي هن چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ ترقي جي شرح 5.5 رهي ۽ خسارو گهٽ ٿي صرف 4.2 سيڪڙو رهي پهريان هي خسارو 8.6 سيڪڙو هو. جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پهريون ڀيرو 50 هزار جي حد پار ڪئي ملڪ ۾ صارفين جي خريداري جي قوت ۾ واڌ ٿي آهي. ٽن سالن دوران ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿي ۽ ٽيڪس وصولين جي گڏيل پيداوار جيڪا 9.8 سيڪڙو هئي ان مان وڌي 12.4 سيڪڙو رهي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ مختلف زونز قائم ڪري رهي آهي حڪومتي پاليسين سبب اڄ پاڪستان جي معيشت ترقي جي رستي ڏانهن هلي رهي آهي صنعتي شعبي وڌيون ڪاميابيون حاصل ڪري 16-2015 دوران پنهنجي معيشت ۾ 6.8 سيڪڙو واڌ ڪئي، پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن پاڪستان يورپ ۽ آمريڪي منڊين ۾ اڀرندڙ معيشت جي طور تي سامهون اچي رهيو آهي.

اي پيپر