اسلام آباد( بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي پاڻ عمل ڪرائي، ملڪ ۾ افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته هڪ ٻيو اين آر او اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته نيب 21 جولاءِ تي هڪ هفتي ۾ اپيل دخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، نيب چيئرمين ۽ پراسڪيوٽر جنرل اڻڌريون ڪم ڪرڻ جا پابند آهن، ميڊيا رپورٽس موجب نيب اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ستن ڏينهن بعد نيب چيئرمين خاطري بابت نوٽيس موڪليو ويو جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي ته پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرايو پر چيئرمين نيب اڃا تائين ڪو به جواب نه ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ کي چيو آهي ته ريفرنس داخل ڪرڻ جي نيب کي تنبيهه ڪئي وڃي ۽ عملدرآمد نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. شيخ رشيد احمد چيو ته درخواست ۾ نااهلي شامل ڪري هڪ ٽڪيٽ ۾ 2 مزا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي حديبيا پيپرز ملز جي تفصيلي جاچ ڪئي، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار مني لانڊرنگ ۾ ملوث نڪتا آهن، حڪمران پنهنجون ملڪيتون بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي ڪيس رڳو نواز شريف خلاف هو ۽ جيستائين اسيمبلي آهي 62 ۽ 63 زنده رهندو، دنيا جي ڪابه طاقت اهو تبديل نه ٿي ڪري سگهي. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ايل اين جي ٽرمينل ۾ ڀائيواري آهي، جڏهن ته ٺاهه جا تفصيل سامهون ايندا ته عدالت ويندا، عمران خان اين اي 54، 55، 56 تان چونڊ وڙهي کيس ڪاميابي ملندي. هن چيو ته آمريڪا جي معاملي تي سموري قوم متحد آهي، ڀارت آمريڪا جي اشاري تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، مودي دنيا جو دوکيبازي ۽ اسلام دشمن سربراهه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي مقبوليت ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ٽرمپ ۽ نواز شريف مقبوليت ۾ ٻئي هڪ جهڙا آهن.