ڪابل (اين اين آءِ) ڪابل ۾ گهرو وزارت جي آفيس ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ۽ طالبان جي حملي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 ويڙهاڪ به مارجي ويا جن ۾ هڪ بمبار به شامل آهي افغان ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي ته ڪابل ۾ قائم ان جي آفيس ويجهو بم ڌماڪا ٿيا ڌماڪن جي تصديق ڪندي ترجمان واقعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو سندس چوڻ هو ته پهريون ڌماڪو آپگهاتي هو جڏهن ته هن بئي ڌماڪي جو تفصيل ناهي ٻڌايو ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته خودڪش بمبار پاڻ کي گهرو وزارت جي گيٽ جي ڀرپاسان ڌماڪي سان اڏايو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو ڌماڪن کان پوءِ علائقي ۾ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا.