افغان پناهگيرن کي دهشتگرد ڪارروائين ۾ استعمال ٿيڻ کان پري رهڻو پوندو: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪشميرين جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي مدرسي جي معصوم ٻارن کي رت سان وهنجاريو ويو، دشمن پنهنجي ڪاري تاريخ ۽ ناڪام عزمن کي ٻيهر هٿي ڏيڻ لاءِ ٻارن کي نشانو بڻايو، انهن ۾ افغان پناهگيرن جي ٻارن جو وڏو انگ به شامل هو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جي عيادت ڪئي ۽ کانئن صحت معلوم ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڪالهه به قوم دهشتگردي کي رد ڪندي بي مثال يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو هو، اڄ به اسان ان بي مثال يڪجهتي جي جذبي تحت هڪ آهيون، اسان جو ڏُک ڪالهه به گڏيل هو ۽ اڄ به، دشمن ڪالهه به اهو ئي هو ۽ اڄ به اهو ئي آهي.هن چيو ته مان يڪجهتي ۽ مدرسي جي ٻارن، استادن ۽ متاثر خاندانن سان ڏُک ونڊڻ آيو آهيان، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين، دهشتگردن جو نظريو دهشت پکيڙڻ ۽ معاشري ۾ خوف جي فضا قائم ڪرڻ آهي، مدرسي تي حملو حقيقت ۾ اسلام دشمني آهي، مدرسو، منبر، مسجدون، امام بارگاهون، گرجا گهر انهن جي نشاني تي آهن، تعليمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ معصوم شهري انهن جو نشانو آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *