واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽ ڪام جي ايندڙ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ڪينٿ ميڪ ڪينزي چيو آهي ته هو افعان معاملي ۾ پاڪستان کي ترجيحي حصيدار بڻائيندا جنرل ڪينت ميڪ ڪينزي جي سينيٽ جي آرمڊ سروس ڪميٽي جي ويب سائيٽ تي ڇپيل هڪ جعواب ۾ لکيو ته هن وقت پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي حوصلاافزائي لاءِ مڪمل اثر ۽ رسوخ استعمال نه پيو ڪري هن چيو ته اسان لاڳيتو هي ڏسي رهيا آهيون ته طالبان کي مستحڪم پاڪستان بدران ڀارت جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي جنرل ميڪنزي اعراف ڪيو ته پاڪستان جو قومي مفاد سياسي طور تي مستحڪم افغانستان سميت خطي ۾ مستقبل جي ڪنهن به سياسي حل ۾ آهي هن چيو ته ان جي ڪمانڊ تحت آمريڪي سينٽڪام افغانستان ۾ تڪرار جي سفارتي حل لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکندو جنهن ۾ اها پڪ هجي ته مستقبل ۾ ڪنهن به معاهدي ۾ اسلام آباد جو حق تسليم ڪيو وڃي آمريڪي جنرل چيوت ه ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام آمريڪا ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم گڏيل اسٽريٽجڪ دلچسپي آهي ۽ اسان پاڪستاني قيادت سان هن سلسلي ۾ رابطي ۾ رهنداسين.