اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان صدر تي زور ڏنو آهي ته امن معاهدي جي تحت ملڪي مفاد کي سامهون رکندي طالبان قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.شاهه محمود قريشي آمريڪا طالبان امن معاهدي کان پوءِ افغان حڪومت طرفان طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ کان انڪار تي رد عمل ۾ چيو آهي ته دوحه امن معاهدو تمام وڏي اڳڀرائي آهي ۽ هن موقعي کي وڃائڻ نٿا چاهيون. دوحه پهريون قدم هو هاڻ ٻيو قدم بين الافغان ڳالهيون آهن. افغان قيادت تي ذميواري ٿئي ٿي ته هو سازگار ماحول پيدا ڪري جنهن سان ڳالهيون اڳيان وڌن. اعتماد سازي جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي اڳيان وڌڻو پوندو.شاهه محمود قريشي چيو ته افغان صدر اشرف غني ملڪي مفاد کي سامهون رکندي اڳيان وڌي ۽ طالبان به وڏي دل جو مظاهرو ڪن هي عمل آسان ناهي پر جيڪڏهن هي عمل ناڪام ويو ته نقصان افغانستان ۽ افغان عوام کي ٿيندو. 20 سالن جي جنگ مان ڪجهه حاصل ناهي ٿيو ۽ جنگ ذريعي امن ڪڏهن به نه ٿيندو. هاڻ ڌرين کي هڪ ٻئي جي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي.شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان نيڪ نيتي سان چاهي ٿو ته معاملا سڌرن ۽ افعانستان ۾ امن پيدا ٿئي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي سڄي دنيا تعريف ڪري رهي آهي. هن معاهدي تي ٻيو قدم کڻڻ افغانين جو ڪم آهي. افغان جيڪي قدم کڻندا پاڪستان ان جي حمايت ڪندو. پاڪستان هڪ سازگار ماحول ته پيدا ڪري سگهي ٿو پر افغانستان جا فيصلا نٿو ڪري سگهي.