اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا چيو آهي ته افغانستان جنگي معاشيات جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن هٿيار، منشيات ۽ دهشتگردي ڏني. اسلام آباد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وچ ايشيا پاڪستان جي موقعا رکي ٿو، پر عالمي گروپن، عنصرن ۽ شدت پسندن جي سامهون ايندڙ وقت فڪر جوڳو آهي، افغان تڪرار سان پاڪستان کان وڌيڪ ٻيا ملڪ متاثر ناهن ٿيا، پرامن ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ وڌيڪ جنگ جي خواهش نٿا رکون، امن جي لاءِ افغان صدر جي تازي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سهڪار به ڪنداسين، افغان جنگي معاشيات جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن هٿيار، منشيات ۽ دهشتگردي ڏني. هن والاريل ڪشمير بابت چيو ته ڪشمير مسئلي جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي بيهي وئي آهي، ڪشمير مسئلو جلد منصفاڻي، عوامي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي موجب حل سان ترقي يقيني ٿيندي، اميد آهي ته ڀارت جلد ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڏانهن ويندو ۽ سهڪار کي يقيني بڻائڻ لاءِ سجنيده قدم کڻندو.