لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف عيد جي موقعي تي افغانستان ۾ سيز فائر کي فائديمند قرار ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۽ خطي ۾ امن ن ليگ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ شامل آهي، سيز فائر کي صحيح رخ ۾ خاص قدم قرار ڏيندي هن چيو ته اميد آهي ته اهو سيز فائر افغانستان ۾ مستقل امن ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿابت ٿيندو، هن چيو ته افغانستان حڪومت پاران عيد کان اڳ ۽ بعد ۾ طالبان پاران سيز فائر جي اعلان سان افغانستان ۾ جٽادار امن جو بنياد هوندو جنهن کي افغانستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي حمايت حاصل هوندي، ان سيزفائر جي اهميت اها آهي ته افغانستان جي اندر خود جنم ورتو آهي ۽ ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ٿيوآهي، شهباز شريف چيو ته ن ليگ جي حڪومت هميشه افغانستان ۾ امن جي حمايت ڪئي ۽ ان مقصد لاءِ اهم قدم کنيا، جنهن ۾ جولاءِ 2015 ۾ طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ پهرين سنئين سنڌي ڳالهين جو احتمام ڪيو ويو هو، هن چيو ته انشاالله عام چونڊن ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان افغانستان ۾ امن سندس پهرين ترجيحن ۾ شامل هوندو.