افغانستان معاهدو، آمريڪا پاڪستان کي خاطري ڪرائي ڇڏي

واشنگٽن (م ڊ)آمريڪا پاڪستان کي خاطري ڪرائي آهي ته افغان تڪرار جي حل جي سلسلي ۾ مستقبل ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جو معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. هلندڙ هفتي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي آڏو پنهنجي بيان ۾ جنرل جوزف ووٽل چيو آهي ته آمريڪي فوج جي ڏکڻ ايشيا ۾ حڪمت عملي جوڙيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته افغانستان ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به معاهدي ۾ پاڪستان جي مفادن کي قبول ۽ ان جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميا پاران پاڪستان جي سيڪيورٽي مدد ختم ڪرڻ باوجود پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪجهه فوجي سهڪار جون سرگرميون جاري آهن. جوزف ووٽل جو چوڻ هو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت ۾ موجود ماڻهن جي حمايت به شامل آهي ڇو ته اهو افغانستان ۾ تڪرار  ختم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد سان گڏجي سفارتي حل جي ڪوششن ۾ مصروف آهيون جڏهن ته ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو ويندو ته مستقبل ۾ ڪنهن به معاهدي ۾ پاڪستان جي مفادن کي قبول ۽ انهن جو خيال رکيو وڃي. واضح رهي ته پاڪستان، آمريڪا سان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ان جنگ جي ختم ٿيڻ تي ڪابل کي خاص ڪري ڀارت پاران پاڪستان خلاف استعمال ڪري سگھجي ٿو، گڏ ئي آمريڪي ماهرن جي اها به دعويٰ آهي ته ان خدشي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان طالبان سان پنهنجا لاڳاپا خراب ناهن ڪيا. پر جنرل ووٽل ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان خطي جو هڪ اهم ترين ملڪ آهي جنهن جو سبب رڳو افغان تڪرار ئي آهي ۽ ان ئي سبب آمريڪا افغانستان سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *