اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان کي پاڪستان مان لاڳو لاحق خدشا آمريڪا کي شامل ڪرڻ بدران گڏيل طور تي حل ڪيا ويندا. افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا افغان گڏيل پڌرنامي جي حوالي سان ساهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ڇا افغانستان مان فوجي واپس گهرائڻ جي ارادي کي آڏو رکي چيو ته کيس پاڪستان سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن آمريڪا فوجي واپس گهرائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان هميشه پاڙيسري رهنداسين هن چيو ته جيڪڏهن مون کي افغانستان مان ڪو مسئلو ٿيو ته مان واشنگٽن کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نه چوندس هن چيو ته اوهان ڄاڻون ٿا ته اعتماد جي کوٽ موجود آهي ۽ پاڪستان هن اعتماد جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.