اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ٿيل امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي ۽ جيڪا تنقيد ڪندا هئا اُهي ڪالهه پاڪستان سان گڏ هئا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته دوحا ۾ ٿيل امن معاهدي جي تقريب ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪ موجود هئا، هڪ مسلسل ڪاوش کان پوءِ اِهو سفر طئي ڪيو ويو.هن چيو ته امن معاهدي سان انٽرا افغان ڊائيلاگ جو آغاز ٿيو، ناروي انٽرا افغان ڊائيلاگ جي ميزباني جي حامي ڀري آهي.سندس چوڻ هو ته افغانستان جو عوام امن چاهي ٿيو هن طويل جنگ ڏٺي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن هوندو ته اُتي عوام سک جو ساهه کڻندو.پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي راءِ ۾ معاهدو اهم اڳڀرائي آهي، معاهدي تي طالبان ۽ آمريڪي اختيارين کي واڌايون پيش ڪريان ٿو.سندس چوڻ هو ته پائيدار امن جو فيصلو افغانين کي پاڻ ڪرڻو آهي هاڻ ڏسڻو پوندو ته معاهدي تي ڪيتري سنجيدگي ڏيکاري وڃي ٿي.هن چيو ته هڪ ٻئي جي اعتماد کي ڪهڙي طرح بحال ڪرڻو آهي اِهو ڏسڻو پوندو، افغان عوام امن چاهي ٿو هاڻ اِها اُتان جي ليڊرشپ جي لاءِ آزمائش آهي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڏسڻو اِهو آهي ته افغان ليڊرشپ گڏجي ويهي پوليٽيڪل روڊ ميپ جي لاءِ راضي ٿئي ٿي ۽ جيڪو ناڪاري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان تي نظر رکڻي پوندي.هن چيو ته معاهدو آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ پهريون خاص قدم آهي، هڪ طويل ڪاوش کان پوءِ اِهو سفر طئي ڪيو ويو، افغانستان ۾ امن سان پاڪستان کي به فائدا حاصل ٿيندا.سندس چوڻ هو ته پاڪستان چاهي ٿو ته هن جي سرزمين ۾ وجود افغاني پناهه گيرن جي واپسي ٿئي.