افغآنستان جو 40 سيڪڙو اضافو اڃان به طالبان جي قبضي ۾ آهي ، پاڪستان محفوط پناهگاهن جي ضرورت ناهي : احسن اقبال

لاهور (اين اين آءِ) گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عالمي برادري دهشتگردي جي خلاف جنگ ڇڪتاڻ سان نه پر فقط سهڪار سان ئي کٽي سگھي ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جو محفوظ پناهگاهون ناهن. سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ مان انهن جا سمورا ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڳري رقم چڪائي آهي اسانجي سيڪيورٽي فورسز ڏينهن رات ڪاروائي ڪري رهيون آهن. احسن اقبال پاڪستان کي پر امن ملڪ ۽ خطي جي معاشي قوت بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي کي وڌڻ ويجھڻ جو موقعو ڏيڻ پاڪستان جي خطي جي معاشي قوت بڻجن جي حدف سان مطابقت نه ٿو رکي، هڪ سوال جي جواب ۾ گھرو وزير چيو ته امريڪا افغانستان ۾ 30 کرب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪيا آهن پر اتي امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، افغانستان جو چاليهه سيڪڙو علائقو اڃان به طالبانن جي قبضي ۾ آهي کين پاڪستان ۾ محفوظ پناهگاهن جي ضرورت ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *