افسوس آهي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن بجيٽ بحث ۾ حصو نه ورتو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث سهيڙيندي چيو آهي ته افسوس آهي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن بجيٽ بحث ۾ حصو نه ورتو، سينيٽ، اسٽينڊنگ ڪميٽين ذريعي اپوزيشن جون تجويزون پهايون ويون آهن، سمورن ميمبرن بجيٽ بابت پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، هن چيو ته ڪاميابيءَ جو سفر جاري رهندو، جي ڊي پي گروٿ ڏهه سالن جي بلند ترين شرح تي آهي، ايندڙ مالي سال جي لاءِ جي ڊي پي جو هدف 6 سيڪڙو رکيو آهي، ايندڙ سال معيشت جي گروٿ 7 سيڪڙو هوندي، في ڪس آمدني وڌندي ۽ زندگيءَ جو معيار بلند ٿيندو، سينيٽ جي 75 تجويزن کي مڪمل يا جزوي طور تسليم ڪيو ويو آهي، اسحاق ڊار چيو ته 147 بجيٽ تجويزون پلاننگ ڊويزن کي اماڻيون ويون آهن، عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، ماضي جون حڪومتون بجيٽ تجويزون ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏينديون هيون، پهرين ٽن سالن ۾ سڌارن جي لاءِ معاشي استحڪام آندوسين، هن چيو ته نائين مالياتي ايوارڊ جو ڪم جاري آهي، جلد مڪمل ڪري وٺنداسين، بجيٽ خسارو 8 سيڪڙو کان گهٽائي 4 سيڪڙو تائين آندو آهي، اسحاق ڊار چيو ته فاٽا جي عوام جي ترقي لاءِ 90 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، موجوده ببجيٽ ۾ آءِ ٽي ڪمپنيز کي خاص مراعتون ڏنيون ويون آهن، 2013 ۾ پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال غير مستحڪم هئي، اسان جي ڊي پي گروٿ جو 5 ڏهائي 3 جو ڏکيو هدف حاصل ڪيو، تاثر ڏنو ويو اين ايف سي ايوارڊ جاري ٿيڻ بنا بجيٽ جي حيثيت ناهي، نئين اين ايف سي ايوارڊ جي راهه ۾ صوبن طرفان دير آهي، اسحاق ڊار چيو ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار 400 رپيا ڪئي وئي، پرڏيهي قرضن ۾ بي پناهه اضافي جو به غلط تاثر ڏنو ويو، 2013 ۾ پرڏيهي قرض 46 ارب ڊالر هئا، اڄ پرڏيهي قرض 58 ڏهائي 4 ارب ڊالر آهن، جي ڊي پي ۾ قرضن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز جا قدم قدر جوڳا آهن، عسڪري آپريشنز جي ڪاميابيءَ جي لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *