ڪراچي: (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اظهار جي آزادي صرف صحافي جو نه هر پاڪستاني جو حق آهي.هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اظهار جي آزادي جو حق سمورن حقن کان مٿانهون آهي، صحافين کي انهن جي فرضن جي انجام ڏيڻ دوران قتل ڪيو پيو وڃي، پريس ڪلبز اسان کي سينٽري فراهم ڪندا رهندا آهن.هن جو چوڻ هو ته پاڪستا ۾ بنا ٻڌائي سينسرشپ لاڳو ڪئي وئي آهي، جيو ۽ ڊان تي هاڻوڪن ڏينهن ۾ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، سموري ميڊيا کي هڪ يونيفارم باڊي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ اين جي اوز به خطري ۾ آهن.انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ صحافين کي قتل ڪرڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، پيپلز پارٽي ڪنهن به باڊي جي جوڙ کي رد ڪري ٿي.