ڪراچي (هه آ) اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عمران عطا سومرو جي صدارت هيٺ صوبائي ايڪشن پلان جو اجلاس سندس دفتر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان غور ڪيو ويو ۽ گذريل اجلاس ۾ ورتل فيصلن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبي خاص ڪري ڪراچي جي سڪيورٽي جي صورتحال تي خاص طور تي توجه ڏني وئي. اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن سڪيورٽي جي نظام کي بهتر بنائڻ سان گڏوگڏ درپيش سڪيورٽي خدشن جي ازالي لاءِ وقت سر ۽ مناسب اُپائن جي سفارش ڪئي وئي ته جيئن ان بابت ڪوتاهين ۽ ۽ خامين جي نشاندهي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ان ڏس ۾ هڪ مضبوط اشتهاري مهم هلائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو جنهن جي ذريعي ماڻهن کي ان ڳالھ جي آگاهي ڏني ويندي انهن جي پاڙي ۾ رهندڙ ڪرائيدارن پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ويجھي پوليس اسٽيشن ۾ جمع ڪرايو آهي؟ پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جي چرپر شڪ واري ته ناهي؟ ان بابت جنگي بنيادن تي اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ اشتهاري مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي. اجلاس ۾ پيمرا جي رپورٽ جي روشني ۾ نفرت ڀري تقرير ڪندڙ مقرر تي پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ پابندي دهشتگردي بابت بڻايل نئين قانون جا اشتهار ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردن کي روڪڻ جي سلسلي ۾ هاڪاري اُپاءُ، ڪراچي آپريشن جي هفتيواري رپورٽ ۽ ISPR جي سهڪار سان ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عمل ڪرائڻ بابت جائزو ورتو ويو. صوبائي ايڪشن پلانPAP بابت اجلاس ۾ ڊائريڪٽر پيمرا، آئي ايس پي آر ڪراچي جي ڪرنل ذيشان، سنڌ رينجرز جي ميجر قمبر رضا، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات کاتو سنڌ سيد وجاهت علي، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن زينت جهان صديقي به شرڪت ڪئي.