اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاھ سنڌ حڪومت پاران صحافين ۾ 18 لک روپين جا امدادي چيڪ ورهايا

ڪراچي(ہہهه آ) : سنڌ جي اطلاعات، محنت، ماس ٽرانزسٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اڄ پنهنجي آفيس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو سان سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 6 صحافين جن ۾ غلام صديق سولنگي، خالد حسين پنهور، غلام محمد لنڊ، مسرور احمد، نصير خان ۽ محمد اڪرم قائمخاني کي سنڌ حڪومت پاران علاج معالجي لاءِ 18 لک روپين جا امدادي چيڪ ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته حڪومت سنڌ ۽ پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي مڪمل مدد ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون آهن، پيپلز پارٽي ۽ صحافي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. پيپلز پارٽي صحافين جي جدوجهد، محنت ۽ پيشيوراڻي ڪاڪردگي کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿي ۽ انهن جي هر مشڪل وقت ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عمران عطا سومرو چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ فلاح لاءِ هر ممڪن سهڪار ۽ مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ انهن لاءِ معاشي سهولتن جي فراهمي سان گڏ طبي سهولتن لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي رهي آهي. هن چيو ته هي چيڪ مالي امداد طور ڏنا پيا وڃن ۽ آئنده به انهن جي مدد ۽ سهڪار جاري رکيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *