اطلاعات فراهمي سان گڏوگڏ تعليمي شعور اجاگر ڪرڻ به ميڊيا جي ذميواري آهي ؛مرتضٰي وهاب

ڪراچي( هه آ)  وزيراعلي سنڌ جي اطلاعات، قانون،۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته صحافت جي بنيادي وظائف ۾ اطلاعات تائين فراهمي سان گڏوگڏ تعليمي شعور اجاگر ڪرڻ به ميڊي جي ذمينداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي  آفيس ۾ سي ايس ايس انفارميشن گروپ آفيسرن جي 10 رڪني وفد سان ملاقات ۾ ڪيو.صلاحڪار وفد کي ٻڌايو ته حڪومت جي مثبت پهلوئن جي طرف به ميڊيا جون نظرون هجڻ کپن نه  وري منفي شين کي بريڪنگ نيوز ٺاهيو وڃي هن چيو ميڊيا صرف سنسني خيزي جي رجحان کي فروخ ڏئي رهيو آهي جڏهن ته علم ۽ شعور اجاگر ڪرڻ به صحافين جي ذمينداري ۾ اچي ٿو. صوبائي صلاحڪارسول سروس جي آفيسرن کي سنڌ حڪومت جي جاري ۽ مڪمل شده منصوبن جي باري ۾بريفنگ ڏني جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊري هيبليٽيشن جهڙا اسٽيٽ آف دي آرٽ جهڙو منفرد ادارو ۽ اين آئي سي وي ڊي ۾ علاج معالجي جون بهتر سهولتون شامل آهن.آفيسرن جي وفد سنڌ حڪومت جي عوامي فلاح بهبود جي منصوبن کي سراهيندي سنڌ حڪومت ۽ صلاحڪار اطلاعات جو بطور مهمان شڪريو ادا ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *