اضاخيل ڊرائي پورٽ جو افتتاح:ريلوي کي هاڻ پرائيويٽ سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو آهي:وزيراعظم

نوشهره((م ڊ)وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي جيڪا به پاليسي بڻي اُها ڪمزور طبقي جي لاءِ هجي.نوشهره ۾ اضاخيل ڊرائي پورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون.سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ ريلوي جي پٽڙيون بڻجنديون ويون ريلوي ڦهلجندي وئي ۽ پاڪستان ۾ جيڪي انگريز ڇڏي ويا هئا ان کان به گهٽ پٽڙيون ٿي ويون.وزير اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي حڪومتون آيون اُهي اميرن جي لاءِ هيون هڪ ننڍڙي طبقي جي لاءِ سموريون سهولتون هيون، سٺي نوڪري رڳو ٿوري ئي طبقي جي لاءِ، عدالتن ۾ طاقتور جي لاءِ هڪ نظام ۽ ڪمزور جي لاءِ ٻيو، جيلن ۾ سڀ غريب ماڻهو ۽ وڏا وڏا ڦورو ٻاهر پيا گهمندا هئا.سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ هر جاءِ تي عام ماڻهو ريلوي تي سفر ڪندو آهي ڇو ته عام ماڻهو جو مسئلو هو ان ڪري آهسته آهسته اسان ڏٺو ته ريلوي تي پيسا خرچ ناهن ٿي رهيا ۽ ريلوي جون حالتون خراب پيون ٿين.وزير اعظم چيو ته اسان ريلوي ۾ سيڙپڪاري ناهي ڪئي ان ڪري اسان جي پٽڙين ۽ ريلوي نظام جو خراب حال آهي، ريلوي جا ڪيترا ئي اهڙ اپل آهن جيڪي پنهنجي مدي کان وڌيڪ استعمال ٿي رهيا آهن.عمران خان چيو ته ايم ايل ون پاڪستان ريلوي ۾ انقلابي تبديليون آڻيندي جنهن سان ڪراچي کان پشاور جو سفر رڳو 8 ڪلاڪن ٿي ويندو.هن چيو ته ريلوي ۾ خسارو گهٽ ٿي ويو ۽ ريلوي گذريل 5 سالن جي مقابلي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ پيسو ڪمايو.وزير اعظم چيو ته ريلوي کي هاڻ پرائيويٽ سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو آهي، هن وقت تائين سرڪاري ادارا نقصان ڪندا رهيا آهن جنهن جو بار عوام کڻندو آهي اسان چاهيون ٿا ته ريلوي ۽ قومي ايئر لائن کي اهڙو ادارو بڻايو وڃي جنهن ۾ سڀني کي فائدو ٿئي.عمران خان چيو ته آئون ريلوي جي مزدورن ۽ انجنيئرن کي چوان ٿو ته ڪرپشن جي خلاف پرائم منسٽر پورٽل تي شڪار ڪري آئون ان جي خلاف ڪارروائي ڪندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *