اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. تحريڪ انصاف جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا ٽرمز آف ريفرنس عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر طرفان به لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو. تحريڪ انصاف جي ٽي او آر ۾ وزير اعظم ۽ ان جي خاندان جي ملڪيت جي حوالي سان سوال اٿاريا ويا، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جڏهن احتساب ٿي رهيو آهي ته جواب نه پيا ڏين، حڪومت اڄ جواب داخل ڪرڻ لاءِمهلت پئي گهري. اٽارني جنرل ذريعي اڄ عدالت جي اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته گذريل 7 مهينن کان پاناما ليڪس جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ وقت گهريو ويو آهي، اصل مسئلو ئي نواز شريف جي ٻارن جو آهي. هن چيو ته اٽارني جنرل کي نواز شريف جو ڪيس وڙهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني، نواز شريف جي ٽنهي ٻارن عدالت ۾ جواب جمع نه ڪرايو آهي، عدالت سموريون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون آهن. نواز شريف پارليامينٽ ۾ چيو ته آئون احتساب لاءِ تيار آهيان. اٽارني جنرل کي ڪرپٽ خاندان جو ڪيس وڙهڻ جو اختيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته توهان پاڪستان جو پيسو کڻي رهيا آهيو توهان کي حساب ڏيڻ پوندو، وزير اعظم جو بحران ننڍو نه پر وڏو آهي