لاهور (اين اين آءِ) اصغر خان ڪيس جي جاچ نيب جي حوالي ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ويئي مقامي شهري سرڪار پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئيويئي جنهن ۾ چيو ويو ته اصغر خان ڪيس ملڪ جي سياست جو اهم ڪيس آهي ايف آءِ اي جاچ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ عملدرآمد جو حڪم ڏيئي چڪي آهي تنهنڪري عدالت کي اپيل آهي ته درخواست گذار کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ ۽ ڪيس جي جاچ نيب جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.