اسڪول کولي رهيا آهيون، احتياط لازمي ڪرڻ گهرجي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال گهٽجڻ باوجود نوان ڪيسز اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪورونا سبب اڃا فوتگيون به رپورٽ ٿي رهيون آهن، ڪورونا لاءِ هاءِ رِسڪ قرار ڏنل ايرياز ۾ بازارون، شاپنگ مالز، سياحتي ماڳ، هوٽلون، جلسا جلوس ۽ درگاهون شامل آهن، ڪيسز کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ ٽيسٽنگ جي گنجائش 14 هزار 940 تائين وڌائي ڇڏي آهي، ڪورونا جي حوالي سان اجلاس دوران وڏي وزير کي تعليمي ادارن سوڌو ٻين جاين تي ڪورونا جي ڪيسز بابت بريفنگ، وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته اسان اسڪول به کولي رهيا آهيون، سنڌ ۾ هن وقت 3158 ايڪٽو ڪيس آهن، ڪراچي ۾2092، حيدرآباد ۾670، ميرپورخاص ۾81 ۽ شهيد بينظيرآباد ۾101ڪيس آهن، سکر ۾96 ۽ لاڙڪاڻي ۾118ايڪٽو ڪيس آهن. تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته سمورن اسڪولز کي ايس او پيز مهيا ڪيا پيا وڃن، تعليمي ادارن ۾ عملي توڙي شاگردن کي ماسڪ پارائڻ وارو عمل يقيني بڻايو پيو وڃي، وڏي وزير ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارن خلاف ڪارروائي جي هديت ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *