لنڊن: (م ڊ) اسڪاٽ لينڊ يارڊ ايم ڪيو ايم جي باني کي لنڊن مان گرفتار ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب اسڪاٽ لينڊ يارڊ صبح سوير ايم ڪيو ايم باني جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ ايم ڪيو ايم باني کي گرفتار ڪري مقامي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي. اتر لنڊن ۾ ڇاپي ۾ 15 پوليس آفيسرن حصو ورتو ۽ هن وقت باني ايم ڪيو ايم جي گهر جي تلاشي ورتي پئي وڃي.اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم ايم ڪيو ايم سيڪريٽريٽ به پهچي وئي ۽ اتي موجود رڪارڊ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم باني جي گرفتاري امڪاني طور 2016ع جي چڙ ڏياريندڙ تقرير تي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس به تصيق ڪئي آهي ته 60 ساله شخص کي چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته الطاف حسين 22 آگسٽ 2018 تي لنڊن کان ٽيليفون خطاب دوران رياست مخالف تقرير ڪئي هئي. جنهن جي جاچ جي لاءِ اسڪاٽ لينڊ يار جي ٽيم به پاڪستان آئي هئي. ايم ڪيو ايم باني جي تقرير خلاف مختلف ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. جنهن ۾ فاروق ستار سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ نامزد آهن. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ايم ڪيو ايم باني جي گرفتاري تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف حسين کي برطانوي ادارن گرفتار ڪيو آهي انهن کي پاڻ جاچ ڪرڻ ڏيو.اعجاز شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم باني لنڊن مان گرفتار ٿيو آهي اسان جو ان سان ڪهڙو تعلق.؟ هو برطانوي شهري آهي ڪنهن چيو آهي ته هو پاڪستاني آهي.؟ هن صحافين کي مشورو ڏيندي چيو ته الطاف حسين بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ اوهان اسڪاٽ لينڊ سان رابطو ڪريو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم باني جي پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت اڃان في الحال انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو به ارادو ناهي.