اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، اسپتالن ۾ مريضن لاءِ وينٽيليٽرز ۽ بيڊز جي کوٽ ٿي وئي آهي. هن چيو آهي ته حڪومت هلندڙ مهيني آڪسيجن سپلاءِ سان گڏ هڪ هزار بيڊز يقيني بڻائيندي، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ نگهبان ايپ متعارف ڪرائي وئي ته جيئن اسپتالن ۾سهولتن جي کوٽ کي پوروڪري سگهجي. سماجي ويب سائيٽ تي ٽويٽ ڪندي وفاقي وزير چيو آهي ته اين سي او جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت آڪيسجن سپلاءِ سان گڏ هڪ هزار بيڊز جي تعداد ۾ اضافو ڪندي جيڪي هلندڙ مهيني ۾ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڏنا ويندا.