لاهور (اين اين آءِ)پي سي بي پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏي جنهن ۾ شرجيل خان خالد لطيف ۽ وڌيڪ ڪرڪيٽرن جا موبائيل فون قبضي ۾ وٺي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پي ايس ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ انڪوائري دوران انهن ڪرڪيٽرن پنهنجي موبائيل فون جي سموري ڊيٽا ڊليٽ ڪئي هئي پي سي بي اختيارين رانديگرن جي ڊيٽا جي خبر لهڻ ۽ سٽي بازن پاران رقم جي فراهمي بابت ڄاڻ لاءِ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سان رابطو ڪري موبائيل فون ان جي حوالي ڪري ڇڏيا ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ رانديگرن ۽ سٽي بازن خلاف جاچ شروع ڪري ڏني سپر ليگ جي پلي آف مئچ ۽ فائينل ۾ وڏي پئماني تي جوئا جون خبرون ملڻ تي ان کي روڪڻ لاءِ به ڪارروائي جي شروعات ڪئي ويئي آهي.