اسٽيل مل جي بحالي لاءِ روس کان مدد طلب، نئون پلانٽ لڳايو، روزگار وڌايو: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خوريف  ملاقات ڪئي، ملاقات ۾روس جي قونصل جنرل اينڊري فيڊروف، ٽين سيڪريٽري پاول ايمانوف ۽ مس ايڪٽرينا زيگيچ ،  عبدالرحيم شيخ پڻ شرڪت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير چيو آھي تھ روس جي قونصل جنرل سان سٺو رابطو آھي، روس سان لاڳاپا بهتر ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن، روس سان صحت، تعليم ۽ ثقافت تي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو تھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل مل لڳائي هئي، اسين اسٽيل مل جي بحالي چاهيون ٿا، جنهن لاءِ روس مدد ڪري، جنھن تي روسي سفير چيو تھ روسي سفارتخانو مدد ڪندو، ايندڙ هفتي روس ۽ پاڪستان جا ماهر اسٽيل مل جي بحالي بابت آن لائن ڳالهه ٻولهه ڪندا، آن لائين ڳالهين کانپوءِ روسي وفد اسٽيل مل جو دورو ڪندو. وڏي وزير تجويز ڏني تھ اسٽيل مل جو نئون پلانٽ لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو، اسٽيل مل سان معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ روزگار ۾پڻ اضافو ٿيندو، اسٽيل مل سنڌ جي عوام لاءِ شهيد ڀٽو جو تحفو آهي، جنهن کي اسان هلائڻ چاهيون ٿا، جنھن سان اسٽيل مل جي ملازمن جو وڏو مسئلو به حل ٿيندو، ملاقات دوران وڏي وزير ۽ روس جي سفير ٻطرفي واپار جي حوالي سان اتفاق ڪيو، وڏي وزير چيو تھ روسي اليڪٽرڪ بسون ڪراچي آڻڻ تي ڳالهيون ڪيون ٿي رھيون آھن، وڏي وزير روسي ڪمپنين سان سفارتي چينلز وسيلي ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو، روس جي سفير البرٽ خوريف چيو تھ روسي حڪومت سنڌ ۾ ثقافتي مرڪز قائم ڪري ثقافتي ورثي کي وڌائڻ چاهي ٿي، مراد علي شاهه چيو تھ روس جي ثقافتي اتاشي سان سنڌ جو ثقافت کاتي رابطو ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *