ڊيرا اسماعيل خان (بيورو) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ ڪنهن هڪ جماعت نه پر پي ڊي ايم جو گڏيل فيصلو هوندو.ڊيري اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سڌارن ڏانهن وڃڻ لاءِ ذميواري سان ڳالهه ڪرڻي پوندي، بلاول ۽ مريم جي لفظن ۾ تعبير جو فرق ٿي سگهي ٿو پر ڌانڌلي جي ذميوار جو نه، ٻنهي جي بيانن ۾ ڪو تضاد ناهي، موجوده حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار هجڻ تي ٻنهي جو اتفاق آهي.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو شخصيتن جو نالو وٺڻ کان ان ڪري پاسو ڪندا آهن، ڇو ته ان سان اداري جو تاثر پيدا ٿيندو آهي، اسٽيلشمينٽ سان ڳالهيون ٿيون ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿينديون.سندس چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ واقعي تي انڪوائري ۾ هاڪاري پهلو به آهي، ٽرمپ هٽي ويو، مودي ۽ عمران خان جو وقت به اچڻ وارو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومتي جلسن سان ڪورونا نٿا پکڙجي ته اپوزيشن جي جلسن سان به نه پکڙبو، پي ڊي ايم جا جلسا هر صورت ۾ ٿيندا.