اسٽريٽ چلڊرن اسانجي معاشري جو اهم حصو آهن، کين نذرانداز نه ڪرڻ گهرجي: ريحانه لغاري

ڪراچي(هه آ)  انساني حقن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ريحانه لغاري چيو آهي ته اسٽريٽ چلڊرن اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن، کين نذرانداز نه ڪرڻ گهرجي. آئون انهن ٻارن کي سنڌ اسيمبلي ۾ وٺي وينديس ۽ قانوندانن ۽ عوامي نمائندن کي انهن جي مسئلن کان آگاهه ڪنديس. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرسرڪاري فلاحي تنظيم پاران اسٽريٽ چلڊرن جي مسئلن بابت سنڌ اسڪائوٽس ڪمپليڪس ۾ ڪوٺايل هڪ آگاهي سيمينار سان ڳالهائيندي ڪيو. سيمينار ۾ اسٽريٽ چلڊرين سماجي ۽ مالي مسئلن ۽ معاشرتي براين بابت ٽيبلو ۽ خاڪا به پيش ڪيا، جنهن کي ساراهيو ويو. تقريب ۾ اڳوڻي جج علي اسلم جعفري، محتسب سنڌ جي رجسٽرار، سوشل ويلفيئر اداري جي نمائندي ۽ ٻين ماڻهن کان علاوه ڪيترن اسٽريٽ چلڊرين شرڪت ڪئي. ريحانه لغاري چيو ته اسٽريٽ چلڊرن جو لقب انهن باصلاحيت ٻارن لاءِ مناسب نه آهي. انهن ٻارن جي تعليم ۽ صحيح تربيت ڪئي وڃي ته اهي معاشري جو ڪارآمد حصو بڻجي سگهن ٿا ۽ اسيمبلي، عدالتن ۽ ٻين پيشن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته هو به سرڪاري اسڪول ۽ غربت واري ماحول مان نڪري آئي آهي۽ اڄ جي ٻارن جي ڪارڪردگي مان گهڻي متاثر ٿي آهي. هن ٻارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته تعليم تمام وڏو هٿيار آهي معاشرتي ۽ سماجي برائين کي منهن ڏيڻ جو، سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ مفت تعليم، معاوضو، درسي ڪتاب ۽ ٻيون سهولتون مهيار ڪيون آهن، سمورا ٻار پنهنجن اسڪولن ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجو قومي فرض انجام ڏين. تقريب جي پڄاڻي تي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن ۾ تحفا ۽ تعريفي سنَدون به ورهايون ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *