اسٽريٽ لائيٽ جي بجلي بحال نه ٿي ته سڄي شهر جو گند سيپڪو آفيس ۾ اڇلائيندس؛حاجي وزير ڦلپوٽو جي ڌمڪي

نصير آباد(رپورٽ؛هريش ڪمار آهوجا) نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي پ پ پ وائيس چيئرمين حاجي وزير علي ڦلپوٽو پاران سيپڪو جي ناجائزين خلاف شھر واسين سان گڏجي احتجاج جو اعلان احتجاجن طور سڄي شھر جو گند ڪچرو سيپڪو سب ڊويزن آفيس ۾ اڇلائڻ جو اعلان سيپڪو ايس ڊي او نصيرآباد کي وارننگ وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ايس ڊي او نصيرآباد سڄي شھر جون اسٽريٽ لائيٽون بند ڪري ڇڏيون آھن جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي طرفان اسٽريٽ لائيٽن جو بل به پيڊ ڪري ٿي ان باوجود ايس ڊي او شھر ۾ بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي جيڪڏھن نصيرآباد جي اسٽريٽ لائيٽ جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاجن طور سڄي شھر جو گند ڪچرو سيپڪو سب ڊويزن آفيس ۾ اڇلايو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *