اسيمبليءَ ۾ گوڙ ڪندڙن گئس معاملي تي چپ ڇو نه چوريا: مراد علي شاهه

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار جي تقرير جو جواب ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ سردار احمد اهم ڳالهيون وساري ويهندو آهي، ساڙ ڦهلائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت ۾ جاري آهي، جنهن دوران خواجا اظهار جي ڳالهين جو جواب ڏيندي وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه جو چوڻ هو ته قائم علي شاهه جيڪي ڪجھه چيو اهو مخالف ڌر کان برداشت ناهي ٿيو، اوهان ئي روئاريندڙن کان اسان ئي اوهان کي بچائي رهيا آهيون، حڪومت جو ڪم ٽئڪس گڏ ڪرڻ هوندو آهي، خدمتن تي ٽئڪس ٻين صوبائي حڪومتو به وٺي رهيون آهن، سردار صاحب ٻڌائي ته اوهان 5 سالن ۾ ڪا هڪ پرائيويٽ ريزولوشن پاس ڪئي آهي، سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسپيڪر کي رڳو اجازت ڏيڻ جي دير هوندي آهي پوءِ اسيمبليءَ جا ميمبر سياسي تقرير ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. مراد علي شاهه ليگين تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته اسيمبليءَ ۾ گوڙ ڪندڙ گئس مسئلي تي چو نه ڳالهايو، گئس سنڌ ۾ پيدا ٿيندي آهي ڪنيڪشن وري پنجاب ۾ ڏنا پيا وڃن، وفاق سنڌ سان خراب سلوڪ ڪري رهيو آهي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *