اسيمبليءَ ۾ ڪالهوڪي واقعي جو ذميوار اسپيڪر آهي، جيڪو استعفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ ڪالهوڪي واقعي کان پوءِ اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق استعيفيٰ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڄي معاملي جي پاڙ اسپيڪر پاڻ آهي، هو وزيرن کي ڏسي فيصلا ڪندو ته ايئن ئي ٿيندو، ڪالهوڪي واقعي جو ذميوار به اسپيڪر پاڻ ئي آهي ۽ اڳ ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن دعويٰ ڪئي ته اسپيڪر اياز صادق استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر کي اعتماد ناهي ان جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي پنهنجي استعيفيٰ موڪليندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *