لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف اسموگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ان ضمن ۾ گڏيل ڪوششن جي آڇ ڪئي وئي آهي. شهباز شريف طرفان ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير امريندر سنگهه کي لکيل خط ۾ اسموگ جو مسئلو اٿاريو ويو. پنجاب جي وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته اسموگ جو مسئلي اٿاريو ويو. پنجاب جي وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته اسموگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي صوبن جي اختيارين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ روايتي طريقن بدران سائنسي ۽ جديد بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هر سال آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي عوام کي اسموگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جنهن سان خاص طور تي ٻارن ۽ پوڙهن جي صحت متاثر ٿيندي آهي. فصلن تي ناڪاري اثر پوندا آهن ۽ ٽريفڪ حادثا به پيش ايندا آهن. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستاني ۽ ڀارتي پنجاب جا ماڻهو سهڪار ۽ ڪوشش سان ڪو اهڙو طريقو يا جديد ٽيڪنالاجي جي نشاندهي ڪن جنهن جي استعمال سان اسموگ گهٽ ٿي سگهي. شهباز شريف پنهنجي ڀارتي هم هم منصب کي آڇ ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ ڪيل علائقائي ڪوشش جو حصو بڻجي جيئن ٻنهي صوبن جي ماڻهن جو مستقبل بهتر بڻائي سگهي.