اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻن ڀينرن جا هڪ ئي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ

اسلام ڪوٽ(ت ر )اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻن سڳين ڀيڻن جا هڪ ئي وڻ ۾ هڪ ئي  رئي سان ٽنگيل  لاش هٿ آيا آهن. ڳوٺَ  ٻپوهار هنڱورجا ۾ ڪنڊيء جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو.اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻپوهار هنڱورجا ۾ غير شادي شده  ٻن سڳين ڀيڻن 17 ورهين جي  هيمان ڌيءَ ڏانو ڀيل ۽ 15 ورهين جي وينتي ڌيءَ ڏانو ڀيل جا سندن ئي ٻنهي ڀرسان  ڪنڊيء جي وڻ ۾ هڪ رئي (چۡني )  سان ڦاهو کاڌل لاش لٽڪيل  ڏسي ڳوٺاڻن جۡهن  پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي  پوليس پهچي ٻنهي نارين جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسلام ڪوٽ  جي سرڪاري اسپتال آندا، انهي سلسلي ۾ فوتي نارين جي  وارثن جو چوڻ هو ته  اسين سڀ گهر ڀاتي   ٻني تي هئاسين مرد کوھ تي  پاڻي  جو وارو واري چوپايو  مال کي پاڻي پياريرهيا هئاسين جڏهن ته ڄاڻايل ڇوڪريون ٻنيء تي  ڪم ڪندي  ڀٽ مٿي چڙهي ويون ٿوري دير گذرڻ بعد اسان ڳولا ڪئي ته ٻنهي ڇوڪري هڪ ئي رئي سان  ڪنڊي جي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو هو . فوتي نارين جي پيءۡ ڏانو جو چوڻ هو ته ٻنهي نياڻين جو هڪ سال اڳ ۽ ٻي جو ٽي سال اڳ مڱڻو به ڪيو هو. بس هفتي کان ٻئي  ڇوڪريون عجيب  حرڪتون ڪرڻ لڳيون هيون هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا ساڳيء رنگ جا چنپل ماني به گڏ کائڻ يا گڏ ئي انڪار ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪيائون پئي انهي کان اڳ  ٽي سال اڳ به منهنجي هڪ ڇوڪري خودڪشيء ڪئي هئي باقي مون کي ڪنهن تي به شڪ نه آهي نه وري ڪا دشمنيء آهي. هنڱورجا برادري جي معززين جو چوڻ هو ته ڄاڻايل خاندان ڳوٺ کان ٿورو ڀرسان الڳ ڍاڻي ٺاهي پيءۡ پٽ  رهندڙ آهن، اسان اهڙي ڪڏهن ڪا به ڳالھ نه ٻڌي  نه ئي  اهڙو ڪو  معاملو نظر  اچي ٿو، ڇوڪرين جو پيءۡ به  انتهائي غريب ۽ شريف قسم جو ماڻهو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *